ناشاد رضوان

ناشاد رضوان

ناشاد رضوان

ناشاد رضوان: نوجوان شاعر، ڪمپيئر، نثر نويس، اينڪر پرسن ناشاد رضوان جو پورو نالو رضوان هنڱورجو آهي. 6 آگسٽ 1997ع تي ڳوٺ عاقلي هنڱورجا تعلقي اسلام ڪوٽ، ضلعي ٿرپارڪر ۾ محمد شعيب هنڱورجي جي گهر ۾ جنم ورتو. هن سنڌيونيورسٽي ڄامشوري مان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪئي. هن لکڻ جي شروعات 2015 کان ڪئي. سندس لکڻيون ’ڪاوش مئگزين‘، ’سنڌ ايڪسپريس‘، ’پنھنجي اخبار‘، ’عبرت مئگزين‘ سميت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. 2017ع کان ريڊيو پاڪستان مٺيءَ تان ميزبان جي حيثيت ۾ ڪمپيئرنگ جو آغاز ڪيو. جنهن کان پوءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سميت سنڌي نيوز چئنلز سنڌ ٽي وي نيوز ۽ ڌرتي ٽي وي نيوز تي نيوز ڪاسٽر طور ڪم ڪيو، ان سان گڏ ڪيترن ادبي پروگرامن ۾ اسٽيج ڪمپيئرنگ ۽ ماڊريٽر طور خدمتون ڏيندو رهي ٿو، سندس تصنيفن ۾ مرتب ٿيل ڪتاب ”ويو وڻجارو اوهري“ سميت گڏيل شعري مجموعو ”غزل رنگ“ ڇپيل آهي.


لفظ ناشاد رضوانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1997.08.06  عيسوي

نوجوان شاعر، ڪمپيئر، نثر نويس، اينڪر پرسن ناشاد رضوان جو پورو نالو رضوان هنڱورجو آهي. 6 آگسٽ 1997ع تي ڳوٺ عاقلي هنڱورجا تعلقي اسلام ڪوٽ، ضلعي ٿرپارڪر ۾ محمد شعيب هنڱورجي جي گهر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صابر موچي
سعيد ميمڻ
ابو شوڪت حمزو
رضا بخاري
ستار سروهي
بلند شاهه
بيخود بلوچ
انور ساگر ڪانڌڙو
شاعر
ڀڳوان ٽلواڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون